نوابشاهه ۾ سرهاڙي واسين جو عورتن ۽ ٻارن سميت احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر) سرھاڙي جي ڳوٺ سائينداد کوکر جي رھواسين پاران مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن خدا بخش کوکر، علي جان کوکر، مسمات مومل، زھران، وزيران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينھن به علائقي جي بااثر وڏيري جي ظلمن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏھن ته احتجاجي مظاهرو ۾ جسقم يونٽ 2 نوابشاهه جي اڳواڻن راشد چانڊيو، سجاد کوکر، محرم کوکر، شبير کوکر ۽ ٻين ھمدردي طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ جيڪو سرڪاري ۽ 40 سال پراڻو آھي، جنھن ۾ 40 کان مٿي گھر آھن، ليڪن علائقي جو بااثر وڏيرو گل حسن عرف گلو کوکر پنھنجي ساٿي حنيف کوکر ۽ ٻين ساٿين سان گڏ اسان کي ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ راڪيٽ لانچر سان حملو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، ھنن چيو ته جوابدار ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھن اسان جي ڳوٺ تي قبضو ڪري اتي ڏوھارين جي پاٿاري کولڻ چاھين ٿا،ھنن چيو ته اسان جوابدارن خلاف پوليس وٽ شڪايت ڪئي آهي ليڪن پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري جيڪا اسان سان ناانصافي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.