جمهپير: 11 ڪورونا ڪيسن کانپوءِ ٻن ڳوٺن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون

جهمپير ( ن ع آ)جهمپير جي ٻن ڳوٺن ۾ ڪورونا جا 11 ڪيس پازيٽو اچڻ سبب  ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران 14 ڏينهن لاءِ ڳوٺن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو نوٽيفڪيشن جاري ،تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عثمان تنوير جهمپير جي ٻن ڳوٺن  ڳوٺ محمد سليمان پالاري ڳوٺ ماڪر پيو ٻارچ ۾ ڪورونا جا 11 ڪيس پازيٽو اچڻ بعد ڳوٺن ۾ ڪورونا جي امڪاني پکيڙ جي خدشي کي روڪڻ لاءِ 14 ڏينهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته  ٻنهي ڳوٺن ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪري پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.