ميان صاحب ۾ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پيرسن فوت

ميان صاحب (ن ع آ)لوڊرا ڀرسان قومي شاهراهه شڪارپور-جيڪب آباد روڊ تي لوڊرا ڳوٺ جي پئٽرول پمپ تان پئٽرول ڀرائي روڊ تي  چڙهندڙ موٽر سائيڪل سان هڪ تيز رفتار ڪار جو زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار پيرسن مرڻينگ ٿي پيو جنهن کي لوڊرا پوليس نازڪ حالت ۾ شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمي پيرسن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. لوڊرا پوليس موجب فوتي پيرسن جي سڃاڻپ جيڪب آباد ضلعي جي بيگاري ڳوٺ واسي 60 ورهين جي حسين بخش پٽ الهڏنو وڌيو طور ٿي آهي جڏهن ته ڪار ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.