ڏهرڪي ويجهو پورهيت جي ڀلوڙ مينهن ۽ 2لک رپيا چوري

ڏهرڪي ( ت ر)ڏهرڪي ويجهو ريتي ٿاڻي جي حد  ڳوٺ خان محمد چاچڙ ۾ نامعلوم چورن پورهيت  نور حسن ڪوش جي گهر ۾ گهڙي  سندن گهر ۾ بيٺل ڀلوڙ مينهن ۽ ٻه لک روپيه چوري ڪري فرار ٿي ان سلسلي ۾ چورن هٿان زخمي ٿيل ڳوٺاڻي نور حسن ڪوش ميڊيا اڳيان دانهيندي الزم ڏيندي  چيو گذريل رات دير سان عبدالواحد ۽ پلو ڪوش پنهنجي چئن ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر ۾ گهري گهڙي سندن مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جي سجاڳي ٿيڻ تي اسان دانهون ڪيون ته چورن اسان جي عورتن ۽ ٻارن ۽ مون تي وحشياڻو تشدد ڪري گهر ۾ بيٺل ڀلوڙ مينهن ۽ ٻه لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن،  هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته کين انصاف فراهم ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.