لاڙڪاڻي مان چٽا ڀيٽي امتحان جي تياري ڪندڙ نوجوان گم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چٽاڀيٽي امتحان جي تياري ڪندڙ قمبر شهر جي وڌا پاڙي جو واسي 18 سالا انٽر ڪلاس جو شاگرد اظهر  علي حاجي محمود ميمڻ پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. گم ٿي ويل نوجوان شاگرد جي چاچي عمران ميمڻ پريس ڪلب اڳيان سندس ڳولا ۾ مدد لاءِ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ڀائيٽو اظهر علي ميمڻ ٻارهين ڪلاس جو شاگرد هئڻ سان گڏ چٽاڀيٽي امتحان جي تياري جي سلسلي ۾ روزانو قمبر مان لاڙڪاڻي سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري تعليم پرائڻ لاءِ ايندو آهي اڄ معمول موجب صبح 8 وڳي هو قمبر مان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتو ۽ ٻي وڳي منجهند تائين هو گهر وارن سان رابطو ۾ هو ان بعد سندس جي موبائل بند ٿي، گهر وارن طرفان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي پر اظهر جو نمبر مسلسل بند مليو، شڪ آهي ته هو لاڙڪاڻي شهر مان گم ٿي ويو آهي، اهڙو اطلاع سول لائين پوليس کي ڏنو پر ان جي باوجود سندس جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سندس پيءُ، امڙ، ڀيڻ، ڀائر ۽ ٻيا گهر ڀاتي سخت پريشان آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ڀائيٽي اظهر ميمڻ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.