ڇتن ڪتن جي حوالي ٿيل سنڌ !

امر شر

اسان وٽ صحت جون جيڪي سھولتون ميسر آھن اھو ھر باشعور ماڻھو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو سنڌ جا مڪمل ادارا ڪرپشن جي دٻڻ ۾ ڦاٿل آھن پر جيڪو حشر مڪاني ادارن جو آھي اھڙو شايد ڪنھن جو نه ھجي مقامي ادارن کي گذريل ٽي چار سال مال غنيمت سمجھي جھڙي طريقي سان چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن لٽيو ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي، انھن جي مدت پوري ٿيڻ کان پو سنڌجي ماڻھن ۾ ھڪ اميد ظاھر ٿي ته ٻيلي ھاڻ ڪمي ايڊمنسٽريٽر اچي انھن جي ڪيل تباھي جو ازالو ڪندا پر انھن جي اچڻ ۽ ڪجھ مھينن جي زيرو ڪارڪردگي ڏسي ھر ماڻھو سوچي ٿو ته ”جنھن اڀرندي تاءُ نه ڪيو سو لٿي ڪھڙو ڪندو“

لٽيل مقامي کاتن جا انتظام ڊي سي ۽ اي سيز جي حوالي ٿيڻ کان پو انھن جو رھندو سھندو نور به چٽ ٿي ويو آھي ھن وقت پوري سنڌ ۾ ڇڙواڳ ڇتن ڪتن ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي ھر روز سنڌ جي ڪنھن نه ڪنهن شھر مان ڪنھن گلن جھڙي ٻارڙي جو ڪتا ماس پٽين ٿا ڪيترا ٻارڙا ڪتن جي چڪجڻ سبب پنھنجون حياتيون وڃائي چڪا آھن ٻارڙا اسڪول ويندي ڪتن جي خوف ۾ ورتل آھن رستن گھٽين ۽چوراھن تي ڪتن جا ولر بيٺل نظر اچن ٿا پر افسوس ته پوري سنڌ ۾ سوا ڪجهھ شھرن جي ڪٿي به ڪا ڪتا مار مھم شروع ناھي ڪئي وئي بي رحمي جي اھا حد جو ڪتن مارڻ لا آيل زھر جا پيسا به اتان جا ٽائون آفسر پنھنجن ڀڀن ۾ وجھي عام خلق جون زندگيون زھر ڪري رھيا آھن ـ

سنڌ جي ڪنھن به اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين نٿي ملي ائين به ناھي ته ويڪسين اچي ڪانه ٿي پر ويڪسين اچڻ کان پو اتان جا انچارچ ڪجھه من پسند يا اثر رسوخ رکندڙ ماڻھو لا ته ويڪيسن ڏين ٿا پر ڪنھن مسڪين ۽بي پھچ کي صرف ڇڙٻون ئي پلئه پون ٿيون !

سنڌ ۾ ڪتن جي ڏاڙھجڻ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيڻ، ويڪسين نه ملڻ، ڪتا مار مھم شروع نه ڪرڻ تي سکر جي عدالت ڏاڍو بھترين فيصلو ڏنو آھي ته، سنڌ ۾ جتي به ڪتي ڏاڙھڻ جو واقعو ٿيندو اتان جي ٽائون آفسير تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ان تي عمل پڻ شروع ٿي ويو آھي جنھن ۾ روھڙي فيضگنج سميت سنڌ جي گھڻن شھرن ۾ ٽائون آفسر ۽ يوسي سيڪريٽريز مٿان ڪيس ته داخل ٿيا آھن پر لڳي ائين ٿو ته ڄڻ انھن کي ان جي ڪا پرواھ ناھي جنھن جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ٽائون آفسر پڪاچانگ الاھي بخش سيال مٿان اھڙا ٻه ڪيس داخل ٿي چڪا آھن پر نتيجن ٽائون ڪميٽي جي صفائي واري عملي جي پگھار بند ڪئي وئي آھي جيڪي گذريل ٽن ڏھاڙن کان شھر جي مک چونڪ تي ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن سموري تعلقي جا شھر تعلقي ھيڊ ڪواٽر گندگي جا ڍير ٿي ويا آھن صفائي ڪندڙ عملي احتجاجن مئل ڪتا کڻي ٽائون آفسر جي آفيس آڏو پڻ اڇلايا پر ٽائون آفسر جي صحت تي ڪوبه اثر نه پئجي سگھيو آھي ڇاڪاڻ ته ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ٽائون آفسر ڪنھن سياسي ڀوتار جو ويجھو رشتيدار آھي

سموري سنڌ جيان فيض گنج تعلقو به ڪتن جي نشاني تي آھي ھر روز ڪنھن شھر يا ڳوٺ مان ڪو ماڻھو يا ٻارڙو ڪتي جي چڪ کان زخمي ٿي رورل ھيلٿ سينٽر پھچي ٿو جتي ويڪسين دستياب نه ھجڻ ڪري ويچارو مسڪين اسٽور تان مھانگي ويڪسين وٺڻ تي مجبور آھي گذريل ڪجهھ ڏھاڙن ۾ سوين ماڻھن کي رولو ڪتن ڏاڙھيو جـن مان ٻه ماڻھو پنھنجون حياتيون پڻ وڃائي چڪا آھن حيرانگيءَ جھڙي ڳالهھ ته ھڪ ھفتي ۾ ھن تعلقي ۾ ٽن اي سيز جون بدليون ۽ مقرريون ٿي چڪيون آھن ھتان جي ڀوتارن جي پسند ۽ ناپسند واري سزا ھتان جي خلق خدا کي ملي رھي آھي ڀوتارن جي ويڙھ ۾ اھو مثال فيضگنج تي ٺھڪي اچي ٿو ته ”وڙھن سان لتاڙجن ٻوٽا “

ان ڪري نه ته ھتان جي ماڻھن جي ڪنھن اي سي ايڊمنسريٽر کي ڪا پرواھ آھي نه وري ٽائون آفسر پاڻ کي عام خلق جو نوڪر يا ذميوار سمجھڻ جي موڊ ۾ آھي ـ

ان ڪري سموري سنڌ جيان فيضگنج جو عام ماڻھو به ڪتن جي ور چڙھيل آھي اسڪول ويندڙ معصوم  ٻارڙن جي والدين جو ساھ مٺ ۾ آھي ته ڪٿي اسان جو ٻارڙو رستي تي بيٺل ڪنھن رولو ڪتي جي ور نه چڙھي وڃي .ان ڪري ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته ھتان جو ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفسر پنھنجي ھجڻ جو احساس ڏياري فيضگنج ۾ ڪتامار مھم شروع ڪرائڻ سان گڏ صفائي ڪندڙ عملي کي پگھارون ڏين جيئن فيضگنج تعلقو گند ۽ ڪتن جي آمجگاھ بنجڻ کان بچي پوي !!!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.