نصيرآباد ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار، همراهه قتل، لاش رکي ڌرڻو

نصيرآباد(ن ع آ) نصيرآباد ۾  باڊهه روڊ تي دوڪان ڀرسان پيشاب جي منع ڪرڻ تي اوڍاڻا برادري جي نيڪ مرد نصر الله اوڍاڻو کي ڏنڊو مغز ۾  لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ھو  فوت ٿي ويو جڏهن ته فوتي جي وارثن پاران احتجاجي طور تي فوتي جو لاش باءِ پاس ڊگري ڪاليج ڀرسان انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي فوتي جي وارثن سندس فرزند عنايت الله اوڍاڻو،  ڀائٽيو الطاف اوڍاڻو منظور اوڍاڻو ميڊيا کي ٻڌايو ته  اسان جا باڊهه روڊ تي دوڪان ۽ جڳھ واقع آهن جنهن وٽ  شخص پيشاب ڪري رهيو  ھيو جنھن کي نصرالله وڍاڻي اتي پيشاب ڪرڻ کان روڪيو جنھن بعد انھن ظالمن سندس مٿان سروٽن ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ،هوڏانهن نصير آباد پوليس شھباز چانڊيو سميت ٻن  جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪري ورتو آهي نصيرآباد ٿاڻي تي قتل ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.