ڄام صاحب: ڀيڻ ماريندڙ جوابدار جو 14 ڏينهن جو رمانڊ

نوابشاهه(رپورٽ: اڪرم چانڊيو) ڄام صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن رند ۾ پنهنجي ڀيڻ کي بيدردي سان باهه ڏئي ساڙي قتل ڪندڙ جوابدار افتخار رند کي ڄام صاحب پوليس ڪنزيومر ڪورٽ امبرين بتول فاطمه جي عدالت نوابشاهه ۾ پيش ڪيو عدالت جوابدار افتخار کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل شهيد بينظير آباد اماڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس جاءِ واردات تان قتل ۾ استعمال ٿيندڙ پيٽرول جي بوتل ۽ نمرا جا سڙيل ڪپڙا هٿ ڪري ورتا آهن انهي سلسلي ۾ ڪيس جي جاچ ڪندڙ انسپيڪٽر اقبال وساڻ چيو ته جوابدار قتل جو اعتراف ڪيو آهي ،ٻئي طرف نمرا جي وڏي ڀاءُ اختيار رند صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ هن شرمناڪ عمل ۾ ملوث آهي ته کيس سخت سزا ڏني وڃي ھوڏانھن قتل ٿيل ناري نمرا رند سان موبائل تي ميسيج ۽ ڳالھه ٻولھه ڪندڙ نوجوان عظيم رند پڻ منظر تان غائب ٿي ويو آھي ۽ ان نوجوان جي حياتي کي پڻ خطرو پيدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.