پسٽل سان ڪتا مارڻ تي سي ايم او گهوٽڪي کان پڇاڻو ڪبو: سردار محمد بخش مهر

خانپورمهر(رپورٽ:ميهرمهر) پ پ ايم اين اي ۽ مهر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش خان مهر سي ايم او گهوٽڪي پاران ڪتي کي پسٽل سان مارڻ جو نوٽيس وٺندي چيو آھي ته مهذب سماجن ۾ جانورن کي پالتو بڻائي کين تحفظ ڏنو وڃي ٿو پر هتي سي ايم او ٻيا سڀ ڪم پاڻ ڪري ٿڪجي پيو آھي جو هاڻي پسٽل هٿ ۾ کڻي گهٽين اندر ڪتا مار مهم تي نڪري پيو آهي،هن جو چوڻ ھو ته رولو ۽ ڇتن  ڪتن کي مارڻ بابت جيڪو طريقو موجود آھي ان تي عمل ڪرڻ بجاءِ شھرن ۾ ڏھڪاءُ پکيڙڻ واري عمل جي هو نندا ڪري ٿو ۽ سي ايم او گهوٽڪي کان ان عمل بابت پڇاڻو ضرور ڪيو ويندو.

عوامي آواز ۾ خبر ڇپجڻ بعد سلطان ڪوٽ ۾ ڪتا مار مهم

سلطان ڪوٽ(ن ع آ) سلطان ڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، شهرين جي شڪايتن تي يوسي سيڪريٽري  ڪتا مار مهم شروع ڪرائي ڇڏي،ٻئي پاسي رورل هيلٿ سينٽر سلطان ڪوٽ ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري ويڪسين اڻلڀ ٿي وئي آهي،ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دوست واهه جي رهواسي نوجوان هارون بروهي کي به رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو هو، سلطان ڪوٽ جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري وئڪسين نه هئڻ سبب ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان هارون بروهي کي وئڪسين ناهي ٿي سگهي، يوسي سيڪريٽري سلطان ڪوٽ آغا مسعود خان پٺاڻ چيو ته شهرين جي شڪايتن تي ڪتا مار مهم شروع ڪرائي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.