پاڪستاني قيادت سلامتي متاثر ٿيڻ باوجود اساما مارجڻ تي خوشي ڏيکاري: اوباما

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما پنهنجي نئين ڪتاب ”اي پرامسڊ لينڊ“ ۾ لکيو آهي ته القاعدا جي اڳوڻي  سربراهه اسامه بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ پاڪستان طرفان ڏکي فون جي اميد ڪري رهيو هيس پر ان جي ابتڙ ٿيو. جڏهن ته جوبائيڊن آپريشن جي خلاف هو. پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ نيوي سيلز جي آپريشن ۾ القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي مارجڻ جي حوالي سان بارڪ اوباما پنهنجي نئين ڪتاب ۾ لکيو ته منهنجو خيال هو سڀ کان سخت فون ڪال پاڪستاني صدر آصف علي زرداري جي هوندي، ڇو ته ان واقعي کانپوءِ ان تي سڄي ملڪ مان دٻاءُ هوندو ته پاڪستان جي سلامتي کي ڇيهو رسيو آهي پر جڏهن مون هن سان رابطو ڪيو ته آصف زرداري چيو ته جيڪو به ردعمل هجي، اها خوشي جي خبر آهي. آصف زرداري ان فون ڪال تي واضح طور جذباتي هو ۽ هن پنهنجي گهرواري بينظير ڀٽو جو به ذڪر ڪيو، جنهن القاعدا سان سلهاڙيل شدت پسندن کي ماريو هو. مئي 2009 ۾ ئي پنهنجي ويجهن صلاحڪارن کي چئي ڇڏيو هو ته اسامه جو پتو لڳائڻ چاهيان ٿو.ان منصوبي کي انتهائي ڳجهو رکيو ويو هو. پاڪستاني اختيارين کي به ان منصوبي جي ٻِڙڪ تائين پوڻ نه ڏني وئي، منهنجي ويجهي ساٿين مان اڪثريت نيوي سيلز کي موڪلڻ تي راضي هئي پر جو بائيڊن صبر ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ نيوي سيلز کي پاڪستان موڪلڻ جي مخالفت ڪئي. اوباما پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ان وقت جو بچاءَ وارو سيڪريٽري رابرٽ گيٽس به ان حملي جي خلاف هو اوباما ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان افغانستان ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي پر پاڪستاني ادارن ۾ ڪجهه عنصر اڃا آهن جيڪي القاعده ۽ طالبان کي پاڙيسري ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ اثاثو سمجهن ٿا. اڳوڻي آمريڪي صدر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جڏهن نيوي سيلز اسامه بن لادن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي ته مون کي ڪجهه حوصلو مليو ۽ مان ان جو اطلاع اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ جارج ڊبليو بش کي ڏنو ۽ ان کانپوءِ ڪجهه اتحادي ملڪن سان رابطو ڪيو. هن چيو ته ڪياني عوامي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ لاءِ مائيڪ مولن کان سمورا تفصيل به گهريا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.