تلھار ۾ گئس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شهرين جي بک ھڙتال

تلھار ۾ گئس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف ٽئين ڏينھن به شھرين پاران بک ھڙتالي ڪئمپ لڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ، بک ھڙتال  ڪئمپ تي ويٺل منير احمد چانگ ، غلام حيدر جتوئي،محمد علي شاھ،، امير حيدر خواجا ۽ ٻين  جو چوڻ ھو ته کين ٽي ڏينھن گذري ويا آهن پر انهن جي احتجاج جو ڪنهن نوٽيس نه ورتو آهي  ، ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته جيستائين گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر وارو مسئلو حل نه ٿيندو تيستائين انهن جو احتجاج جاري رهندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.