اڻپورن بندوبستن سبب ڪراچي سرڪلر ريلوي جو روٽ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) 20 سالن کان پوءِ ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جو آغاز سڀاڻي کان ٻيهر ٿي رهيو آهي پر اعلان ڪيل روٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪيو ويو آهي.

ريلوي اختيارين موجب بندوبست نه هئڻ جي ڪري سرڪلر ريلوي جو روٽ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ پپري اسٽيشن کان سٽي اسٽيشن تائين سرڪلر ريلوي هلائي ويندي ۽ ٽرين اورنگي ٽائون ڏانهن نه ويندي.

ڪراچي سٽي اسٽيشن کان اورنگي اسٽيشن تائين 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ مڪمل فعال نٿو ٿي سگهي ۽ ريلوي انجنيئرز ۽ ماهرن 14 ڪلو ميٽر ٽرين کي سفر لاءِ ڪليئرنس ناهي ڏني.

ذريعن موجب اورنگي اسٽيشن تائين 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي ليول ڪراسنگ وڏو مسئلو آهي، ان ٽريڪ تي ٽرين 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ رفتار سان نٿي هلي سگهي ڇو ته هي ٽريڪ ان قابل ناهي جو سرڪلر ٽرين کي 50 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلائي سگهجي.

ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته سٽي اسٽيشن کان اورنگي تائين ليول ڪراسنگ ۽ اسٽيشن جي مرمت جي ڪري في الحال ٽرين نه هلي سگهندي.

رپورٽ موجب پپري کان سٽي اسٽيشن تائين سرڪلر ٽرين 46 ڪلو ميٽر جو فاصلو ڏيڍ ڪلاڪ ۾ طئي ڪندي جنهن جو ڀاڙو 50 رپيا في ڪس مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.