عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿي ويو پر پاڪستانين لاءِ بري خبر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو ٿيڻ جي باوجود ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

سنڌ سونارا مارڪيٽ موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 450 رپيا واڌ کان پوءِ هڪ لک 12 هزار 800 رپيا ٿي ويو آهي.

10 گرام سون جي قيمت ۾ به 386 رپين جي واڌ ٿي جنهن کان پوءِ سون جي نئين قيمت 96 هزار 708 رپيا ٿي وئي آهي جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس قدر13 ڊالر گهٽتائي کان پوءِ 1875 ڊالر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.