مدئجي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 ماڻهو رت ۾ڳاڙها

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ويجهو تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ هڪڙا ۾ هڪڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي  پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان لٺين،ڪهاڙين ۽ سورٽن جو وسڪارو لاهي ڏنو جنهن دوران ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ ناظم هڪڙو جي ڌر جا شڪيل هڪڙو،حاڪم علي،مسمات زاهده هڪڙو زخمي ٿي پيا جڏهن ته سعدالله هڪڙو جي ڌر جا پنجل هڪڙو،فياض هڪڙو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا جن کي وارثن کڻائي تعلي اسپتال پهچايو جتي زخمين کي علاج بعد ٻن زخمين فياض ۽ پنجل هڪڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو،ان سلسلي ۾ زخمي فياض هڪڙو الزام هڻندي چيوته ناظم هڪڙو جي ڌر جي ماڻهو اسان جي نينگر کي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري رهيا هئا،منع ڪرڻ تان جهيڙو ڪري زخمي ڪيو آهي. ،هوڏانهن ٻنهي ڌرين پاران تاجوديرو ٿاڻي تي هڪ ٻئي خلاف اين سي داخل ڪرايون آهن،جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار پيارو هڪڙو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.