ڏهرڪي ۾پسند پرڻي عيوض سڱ چٽي ۾ڏيڻ کان انڪار، پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

ڏهرڪي(رپورٽ : اسد لغاري) هڪ سال اڳ خانڳڙهه واري علائقي علي مهر ۾  ڀوتارڪي نظام سان بغاوت ڪري شڪورمهر ۽ ستارا مهر پسند جو پرڻو ڪيو جنهن بعد وڏيرا جوڙي جا ويري بڻجي ويا  آھن، هڪ سال وٺي جوڙو گهران دربدر آھي، تازو ئي وڏيرن پاران شڪور مهر جون ٻه معصوم ڀاڻيجيون اقرا ۽ اقصي سڱ چٽي وٺڻ جو شرط رکي ڇڏيو جنهن بعد شڪور مهر جي وارثن والد سرور مهر والده رحيمان مهر ، ڀيڻ زهران ڀاء غفور مهر معصوم ننگرين اقصي ۽ اقرا  سيميت ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته شڪور مهر ۽ ستارا واري پرڻي بعد وڏيرن اسان لاء ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي آھي، تازو ئي وڏيري غلام محمد مهر ،ابوبڪر مهر معصوم نينگريون سڱ چٽي وٺڻ جو شرط رکي ڇڏيو آھي ،نينگرين جي امڙ زهران چيو ته جيڪڏهن زبردستي ڪئي ويئي ته ننگرين سميت پاڻ کي ماري ڇڏيندس پر اهڙو شرط قبول نه ڪندس ،شڪور جي امڙ رحيمان لڙڪ لاڙيندي چيو ته وڏيرا بااثر آھن ،مان مرڻ ڪنڌيء تي آھيان اگر مري ويس ته پٽ کي منهنجي جنازي ۾ اچڻ به وڏيرا اجازت نه ڏيندا ،هن چيو ته هڪ سال کان وٺي پٽ کي به ناهي ڏٺو اختياريون نوٽيس وٺن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.