مٺي ڀرسان گاڏي اونڌي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

مٺي(بيوروچيف)مٺي ويجهو چيلهار روڊ تي کاريو اسٽاپ لڳ بولان ڪلٽي ٿيڻ سبب 1 ڄڻو فوت 3 ڄڻا زخمي، خبر موجب:مٺي  ڀرسان چيلهار روڊ تي کاريو اسٽاپ وٽ دوائن جي ڪمپني جي ملازمن جي بولان گاڏي روڊ تي پٿر اچڻ ڪري تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ عمرڪوٽ واسي دوائن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ تنيراج اوڏ فوت ٿي ويو ٿي ويو ۽ 3 ڄڻان زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ اصغر علي ڪنڀار، مرتضي ڪنڀار ، انور علي مهر شامل آھن زخمي دواساز ڪمپني جا ملازم ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي عمرڪوٽ کان مٺي اچي رهيا هيا. فوتي جو لاش ۽ زخمين کي مٺي سول اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمين جو علاج جاري هو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.