دڙو لڳ پوليس ۽ چورن ۾ مقابلو، گرفتاري نه ٿي

دڙو (ن ع آ ) دڙو پوليس رات دير سان پوليس موبائيل ۾گشت ڪري رھي ھئي۔ ته منڇرين جي ڳوٺ وٽ 2 ھٿياربند ڍڳو چوري  ڪري وڃي رھيا ھئا۔ ته پوليس کين بيھڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن فائرينگ ڪري ڏني۔ ۽ چوري ڪيل ڏاند ڍڳي کي ڇڏي اونداھي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا۔ دڙو پوليس جي ايس ايڇ او صفدر سولنگي چورن وٽان ڇڏايل ڍڳي جي دعوي ڪندي ٻڌايو ته پوليس پارٽي رات دير سان منڇرين جي پوٺي وٽ گشت تي نڪتل ھئي۔ ته پوليس جي روڪڻ تي 2 جوابدار مبينا چوري ٿيل ڍڳو ڇڏي فرار ٿي ويا۔ پوليس ڍڳو ڪاهي ٿاڻي تي آندو آھي. ۔ ۽ ڏاند جي ڌڻي جي تلاش ڪري رھي آھي۔ ته چورن ڪنھن جو ڍڳو چوري ڪيو آھي۔ ڌڻي جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.