شگر ڪميشن ڊرامو، وزيراعظم، شهزاد اڪبر ۽ اعظم خان مافيا کي بچائڻ گهرن ٿا: سجاد باجوا

اسلام آباد( م ڊ) شگر ڪميشن رپورٽ بعد برطرف ٿيل ايف آءِ اي آفيسر سجاد باجوا وزيراعظم سميت اعليٰ سرڪاري شخصيتن تي شگر مافيا کي فائدو پهچائڻ جا الزام لڳايا آهن. سندس چوڻ هو ته شگر ڪميشن  جوڙڻ سمورو ڊرامو هو. وزيراعظم، پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ۽ شهزاد اڪبر  مافيا کي بچائڻ گهرن ٿا. سرڪار الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. سجاد باجوا بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته جاچ دوران هن کنڊ جي ڪاروبار ۾ اسٽيٽ بينڪ، ايس اي سي پي ۽ ايف بي آر بابت سوال اٿاريا ته ڪجهه طاقتور منهنجي خلاف ٿي ويا.  هن چيو ته ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايس اي سي پي خلاف مون لکيو، ٻين 9 ٽيمن ۾ انهن ادارن بابت ڪڇڻ جي طاقت ئي نه هئي هن چيو ته افغانستان کنڊ موڪلڻ جو شڪي معاملو به مون اٿاريو، افغانستان کنڊ موڪلڻ شڪي  آهي. چيو ويو ته  70 سيڪڙو کنڊ افغانستان موڪلي وئي آهي حقيقت ۾ کنڊ اتي پهچي ئي نه ٿي. هن چيو ته شگر مافيا کي 400 ارب رپين جو فائدو ملي چڪو آهي، 70 رپين جي کنڊ 115 تائين پهتي آهي. سجاد باجوا چيو ته شگر ڪميشن ذريعي کنڊ سستي ڪرڻ جو معاملو ڊرامو آهي، اصل معاملو ڪجهه ٻيو هو. هن چيو ته سندس خلاف ”جعلي ڪارروائي“  پٺيان مافيا جي پٺڀرائي ڪندڙ حڪومتي شخصيتون آهن. هوڏانهن وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته الزام غلط آهن، هو ته سجاد باجوا کي سڃاڻي ئي نه ٿو. هن چيو ته ڇا اي ايس آءِ به لهندو ته ان جو الزام وزيراعظم تي لڳندو. . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.