گلگت چونڊ نتيجا ۽ جلسن تي پابندي رد، حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪنداسين: پي ڊي ايم

اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ (پي ڊي ايم) جي سربراهه اجلاس ۾ 12 نڪتن واري ميثاق پاڪستان تي اتفاق ڪيو ويو. مخالف ڌر اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ سربراهي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه اختر مينگل ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مريم نواز  به والد نواز شريف جي جاءِ تي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ تازي گلگت بلتستان چونڊن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته چارٽر آف پاڪستان تي به ڳالهيون ڪيون ويون. مخالف ڌر اتحاد جي پڌرائي موجب سربراهه اجلاس ۾ 12 نڪاتي ميثاق پاڪستان تي اتفاق ڪيو ويو جنهن موجب وفاقي، اسلامي، جمهوري، پارلياماني آئين پاڪستان جي بالادستي ۽ عملداري ۽ پارليامينٽ جي خودمختياري يقيني هجي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سياست ۾ اسٽيبلشمنٽ ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪردار جو خاتمو ۽ آزاد عدليه جو قيام يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته آزاداڻي، غير جانبداراڻي ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ سڌارا شامل آهن. ميثاق پاڪستان ۾ عوام جي بنيادي انساني ۽ جمهوري حقن جو تحفظ، صوبن جي حقن ۽ 18هين ترميم جو تحفظ، مقامي حڪومتن جو موثر نظام، اظهار راءِ ۽ ميڊيا جي آزادي جو دفاع، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جا نڪتا شامل آهن. پڌرائي موجب مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هنگامي معاشي پلان جڏهن ته آئين جي اسلامي شقن جو تحفظ ۽ عملدرآمد به نڪتن ۾ شامل آهي. رضا رباني، احسن اقبال، خرم دستگير، شيري رحمان ۽ ڪامران مرتضيٰ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اجلاس کان پوءِ اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قانون جي بالادستي، سمورين اسلامي شقن جي تحفظ سميت 12 نڪاتي ميثاق پاڪستان تي سمورين پارٽين اتفاق ڪيو. هن وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چوڻ هو ته شگر مافيا کي 400 ارب رپين جي سهولت ڏني وئي، آفيسر چور پڪڙيو ته ان کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. سندس چوڻ هو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي جيڪي اعتراف ڪيا اُهي حڪومت جي خلاف ايف آءِ آر آهي.  مخالف ڌر اتحاد جي سربراهه گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلي جي نتيجن کي رد ڪندي چيو ته پي ڊي ايم گلگت بلتستان ۾ ٿيندڙ نتيجن کي رد ڪيو ويو آهي، هي 2018ع جي چونڊن جي ڌانڌلي جوري پلي ( ورجاءُ) هو. سپريم ڪورٽ جيڪي آزاداڻين چونڊن لاءِ هدايتون ڏنيون هيون انهن کي گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ رد ڪيو ويو. هن چيو ته اسان طئي ڪيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪلڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، قومي احتساب بيورو (نيب)، ايف آءِ اي ۽ ٻيا ادارا سياسي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انتقام وٺي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان جلسو شيڊول ڪرڻ تي اعلان ڪندي چيو ته ڪورونا جي آڙ ۾ جلسن تي پابندي هڻڻ کي رد ڪيون ٿا، پي ڊي ايم جي جلسي شيڊول جي موجب ڪيا ويندا. مسلم ليگ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته سمورين پارٽين جي پاليسي هئڻ گهرجي اسان لوٽن کي الله حافظ چئي ڇڏيو. هن چيو ته ڪنهن جو لهجو نرم ڪنهن جو سخت هوندو آهي پر موقف هڪ ئي هوندو آهي. گلگت بلتستان جي چونڊن جي حوالي سان مريم جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي اليڪشن جو نتيجو 48 ڪلاڪ پهرين معلوم ٿيو هو، نتيجن جو اندازو هو پر حڪومت کي بي نقاب ڪرڻو هو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ اڪثريت نه ملڻ تي حڪومت کي شرم کان منهن لڪائڻ گهرجي، سليڪٽرز سان گڏجي ڌانڌلي ڪئي، ن ليگ جا اميدوار ٽوڙيا جنهن ۾ 2 اڳوڻا وزير ۽ اسپيڪر شامل آهن. پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف کي ويڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي پر هن کي اوچتي بُڪي ۾ تڪليف جي ڪري اسپتال وڃڻو پيو ۽ هو شريڪ نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.