اوٻاوڙو مان اغوا ڄاڻايل ڳوٺاڻو زخمي حالت ۾ هٿ،اسپتال داخل

ڏهرڪي ( ت ر) اٻاوڙو مان ٻه هفتا اڳ اغوا ڄاڻايل ڏهرڪي جي ڳوٺ ڪٽا مهاڻا جي رهواسي سڪندر ميراڻي کي اغوا ڪندڙ ڀنگ جي رقم  نه ملڻ تان ساڄي ڄنگهه ۾ ٻه گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد کيس آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد کاٽو ۾ اڇلائي ڇڏيو.آندل سندراڻي پوليس زخمي سڪندر ميراڻي کي کڻائي گهوٽڪي اسپتال پهچايو، جتان گهڻو رت وهڻ ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾  سکر منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ سڪندر ميراڻي ۽ ميانداد ميراڻي کي اوٻاوڙو لڳ اغوا ڪيو ويوهو. جن جي بازيابي لاءِ سندس وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو. سڪندر ميراڻي کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد ميانداد ميراڻي جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.