ڪشمور سانحي تي قوم ڏکاري آهي، جنسي بگهڙن کي سخت سزا ڏني وڃي: اسد ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) مرڪزي اڳواڻ مولانا اسد الله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد مقامي اسپتال ۾ زير علاج ڪشمور واقعي جي متاثر  ٻارڙي جي عيادت ۽ امڙ سان همدردي جو اظهار ڪيو، وفد ۾ سنڌ جو امير محمد حسين محنتي، اڳوڻو ايم پي اي محمد يونس بارائي ۽ محمد رفيق صافي شامل هئا. وفد متاثر نياڻي جو الخدمت ۽ جماعت اسلامي طرفان علاج ڪرائڻ جي پيشڪش ڪندي ڪنهن به حڪومتي اعليٰ شخصيت طرفان نياڻي جي عيادت توڙي داد رسي نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي ته متاثر نياڻي جي علاج لاءِ خصوصي اپاءُ کنيا وڃن. جيڪڏهن ضروري هجي ته پرڏيهه ۾ پڻ کيس علاج جي سهولت ڏني وڃي. مولانا اسد الله ڀٽو چيو ته ڪشمور واقعي تي سڄي قوم ڏکاري آهي اهڙن جيءُ جهوريندڙ واقعن جي انت لاءِ سخت قانون سازي اڻ ٽر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.