فيض گنج ڀرسان اينٽي ڪرپشن عملو يرغمال، تشدد، گرفتار تپيدار ڇڏايو ويو

پڪاچانگ(رپورٽ :امرشر )فيض گنج لڳ اينٽي ڪرپشن جي ڪاروائي زمين ۾  هيرا ڦيري  ڪرڻ تي تپيدار گرفتار ڳوٺاڻن حملو ڪري اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر سميت اينٽي ڪرپشن عملي کي يرغمال بڻائي  ڇڏيو  گرفتار تپيدار اعظم انڙ کي زبردستي ڇڏائي ورتو اينٽي ڪرپشن آفيسر کان   موبائيل  فون پڻ   کسي ورتا ،سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن زاھد بشير چيو ته اسان اين بي ڊبليو وارنٽ کڻي تپيدار اعظم انڙ کي گرفتار ڪيو ته 30کان35ماڻهن اسان تي حملو ڪري اسان کي يرغمال بڻائي منهنجي عملي تي تشدد ڪرڻ بعد اسان کان موبائيل فون به کسي ورتا، گرفتار ٿيل جوابدارتپيدار  اعظم انڙ کي ڳوٺاڻن اسان جي ڪار مان زبردستي لاهي کڻي ڇڏائي فرار ٿي ويا آھن ،اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آھي ته رپورٽ اسان سکر سرڪل کي ڏني آھي جنھن بعد انھن ماڻھن خلاف ٻيھر سخت ڪارروائي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.