ڇا سنڌ جا تعليمي ادارا سڄي مهيني لاءِ بند ٿيڻ وارا آهن؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني اڄ پريس ڪانفرنس ڪندي اِهو اعلان ڪيو آهي ته سڄي سنڌ اندر سمورن تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون نه ڪيون وينديون جڏهن ته اِها تجويز پڻ غور هيٺ آهي ته تعليمي ادارن ۾ هڪ مهيني جي موڪل ڪئي وڃي.

پيرنٽس ايسوسيئيشن (والدين جي تنظيم) طرفان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب اسڪولن کي بند رکيو وڃي جڏهن ته ٻارن جي صحت تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي، ٻئي پاسي پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن اسڪول طرفان اِهو چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اسڪول بند ڪيا ويا ته سخت مخالفت ڪندي احتجاج ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي صوبي اندر تعليمي ادارن اندر هڪ مهيني جي موڪل واري تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن جي تحت پهرين ڊسمبرکان ٿيندڙ 15 ڏينهن جون موڪلون مهيني تائين وڌي سگهن ٿيون.

ذريعن موجب جيڪڏهن موڪلن جو اعلان ٿيو ته اُهو 15 ڏينهن هوندو جنهن دوران ئي صورتحال کي ڏسندي ان ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.