دارا واهڻ: ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ۾ چورين جو آزار،رهواسين جو احتجاج

ڪنڌرا ٿاڻي جي حد مان ڪيترن ئي ڏينهن کان چوري جو سلسلو جاري ۽  پوليس اگهور ننڊ ستل آهي،  علائقي واسين احسان علي ناڙيوال، حب علي ،محمد شريف ۽ ٻين  احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اڻ ڄاتل چور احسان علي ناڙيوال جو 3ڀليون ٻڪريون ڪاھي ويا آهن جڏهن ته ڪنڌرا پوليس غائب آهي، هنن الزام هنيو ته انهن سان سان پوليس ڪو به سهڪار نه  پئي ڪري جڏهن ته  روڊ ھجڻ جي ڪري پيرا  گم ٿي ويا آهن،  ھنن وڌيڪ چيو ته احسان ناڙوال ويچارو گونگو ۽ ٻوڙو آهي ۽ مسڪين غريب مزدور آهي،هن آءِ جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر ايس ايڇ او ڪنڌرا کان مطالبو ڪيو ته غريب جو چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي .

رپورٽ- عبدالستار  مھراڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.