بلاول ۽ مريم جو رابطو، گلگت چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي مذمت ڪئي آهي.

پيپلز پارٽي طرفان جاري پڌرائي موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.

گلگت بلتستان جي چونڊن جي حوالي سان بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڌانڌلي جي باوجود مخالف ڌر پارٽين وڌيڪ ووٽ ورتا، حڪومتي اتحاد کان وڌيڪ ووٽ کنيا، حڪومتي اتحاد کان وڌيڪ ووٽ وٺڻ تحريڪ انصاف جي عدم مقبوليت جو ثبوت آهي.

ان موقعي تي مريم نواز جو چوڻ هو ته گلگلت بلتستان جو عوام مخالفن جي نظريي جي سان گڏ بيٺو آهي.

پڌرائي موجب ٻنهي اڳواڻن جلد ملاقات ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.