شهدادڪوٽ لڳ روڊ حادثي ۾نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

شهدادڪوٽ ( ن ع آ ) شهدادڪوٽ ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ 55 ورهين جو موٽر سائيڪل سوار ٿڏي تي فوت ٿي ويو ,حادثو شھر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد حسيني چوڪ ويجهو پيش آيو آهي جنهن لاء ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي محمد پناه مگسي موٽر سائيڪل تي شھدادڪوٽ کان پنهنجي ڳوٺ علي گل مگسي اچي رھيو ھو ته حسيني چوڪ ويجهو سامهون ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي فوت ٿي ويو, ,ٻي پاسي حادثي جي اطلاع  تي  پوليس پھچي فوتي جو لاش تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو, هوڏانهن پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور سائين داد مگسي کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر ٽرالي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي,آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.