گپچاڻي لڳ مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

گپچاڻي ( ن ع آ ) 5 ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان الياس گپچاڻي جي وارثن علي ڏنو کپچاڻي صابر  حسين امتياز علي گپچاڻي سوشل ورڪر ضياءُ گپچاڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي ھنن چيو ته نوجوان الياس گپچاڻي پورهيت آھي کيس کي جاچ لاءِ  هڪ با اثر معرفت گپچاڻي جي ايس ايڇ او حوالي ڪيو، جڏهن ته گپچاڻي ايس ايڇ او نوجوان کي  ٻانڌي پوليس حوالي ڪري کيس کي ڪوڙي مقابلي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو، نوجوان مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو هاڻي پوليس کيس معذور بڻائي ڇڏيو آھي. ، هنن چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ پوليس خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي گپچاڻي پوليس اسان خلاف ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو، هنن چيف جسٽس کان جڙتو مقابلو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.