وفاق سنڌ بابت فيصلن تي هوش کان ڪم وٺي:جلال شاهه

گلشن اقبال (ن ع آ ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي  قبضي خلاف ڪامياب سموري سنڌي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن.ڪراچيءَ مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد جلال محمود شاھ جو چوڻ هو تہ آچر واري تاريخي اجتماع وفاق جي ڏاڍائين سنڌي قوم جو ريفرينڊم هو. هن چيو ته هي اڄان جدوجہد جي شروعات آهي ۽ اسان هڪ دفعو وري وفاق کي انتباهه ٿا ڪيون ته هوش کان ڪم وٺن ۽ صدارتي آرڊيننس پيڊا فوري طور تي واپس وٺن ٻي صورت ۾ جدوجهد کي اڄان وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو تہ جلد سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس سڏائي آئينده جو لايحه عمل جوڙيو ويندو. ٻئي طرف سيد جلال محمود شاھ پورهيت مزاهمت ٺٽي جي قافلي تي گهگهر ڦاٽڪ وٽ رياستي ادارن طرفان تشدد ۽ تذليل جي سخت لفظن م مذمت ڪندي چيو آهي ته پر امن سياسي ڪارڪنن جي تذليل ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳي ناهي هن چيو لکين ماڻهن جي پر امن احتجاج ۾ هڪ به ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو ان مان ثابت ٿيو ته اسين پر امن آهيون ۽ جمھوري طريقي سان احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.