سلطان ڪوٽ ۾ 4 جوابدارن تي قتل جو ڪيس داخل

سلطان ڪوٽ (ن ع آ ) گذريل ڏينهن همايون شريف ٿاڻي جي حد جاڳڻ شهر ۾ ڀيا برادريءَ جي ٻن ڌرين علي مردان ڀيو ۽ محمد سچل  ڀيو ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن دوران جوابدار علي مردان ڀيو پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ئي سئوٽ 44 ورهين جي مير حسن ڀيو کي قتل ڪري فرار ٿي ويو هو، جنهن جي قتل جو ڪيس مقتول مير حسن ڀيو جي ڀاءُ محمد حسن ڀيو جي فرياد تي 4 ڄڻن علي مردان ڀيو، علي نواز ڀيو، محمد علي ڀيو ۽ وحيد علي ڀيو خلاف همايون شريف ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي ايف آءِ آر ۾ فريادي ڌر جي محمد حسن ڀيو ڄاڻايو آهي ته اسان جو پاڻ ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان ڪالهه جوابدار علي مردان ڀيو منهنجي ڀاءُ مير حسن ڀيو کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي همايون شريف پوليس ٻڌايو ته مقتول مير حسن ڀيو جي ڀاءُ محمد حسن ڀيو جي فرياد تي 4 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ 114 ۽ 302 جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.