حيدرآباد ۾مهانگائي تي ضابطو نه آيو، غريب شهري پريشان، انتظاميا تماشائي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ منافعي خورن پاران ڪيل مهانگائي تي ضلعي انتظاميا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شهري 65 کان 70 روپين ۾ في ڪلو ڪڻڪ جو اٽو، 110 روپيا کنڊ ڪلو، 110  کير وٺڻ تي مجبور بڻيل، جڏهن ته 30 لک آبادي واري شهر حيدرآباد ۾ شهرين کي ضلعي انتظاميا طرفان هڪ گرائونڊ ۾ لڳايل بچت بازار مان به لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا، بچت بازار ۾ رکيل سامان وقت کان اڳ ئي ختم ٿيڻ ڪري شهري هٿي خالي گهرن ڏانهن هليا ويا، جڏهن ته عام شهرين هن وقت به منافعي خورن جي هٿان ڦرجڻ لڳو. شهرين پاران انتظاميه جي اهڙي عمل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حيدرآباد جي شهرين توڙي عام پورهيتن کي مهنگائي کان بچائڻ لاءِ مستقل طور تي منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. حيدرآباد ضلعي اندر گذريل ڪيترن مهينن کان مهانگائي جي هٿرادو آندل طوفان تي ضلعي انتظاميا قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃڻ کانپوءِ شهرين کي لالي پوپ ڏئي ڪالهه لطيف آباد 8 نمبر جي  گه گرائونڊ ۾ ڪجهه دڪان لڳائي بچت بازار جو نالو ڏنوويو، جڏهن ته انتظاميا جي لڳل بازار ۾ پيل سامان  ٿورو هجڻ ڪري منجهند کان اڳ ئي ختم ٿي ويو ۽ شهر جي مختلف علائقن کان سستي خريداري لاءِ ايندڙ عورتون ۽ پورهيت بغير ڪجهه وٺڻ جي واپس هليا ويا. جڏهن ته ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد سٽي تعلقو، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي 30 لک کان وڌيڪ آبادي آهي اتي چند دڪان لڳايا ويا آهن. جڏهن ته لڳل استالن تي  ڪڻڪ جي اٽي بدران فلور ملن جو اٽو رکيو ويو. کنڊ جي ڪوالٽي به بهتر ناهي. اهڙي طرح عام شين جي ڪا به ڪوالٽي نظر نه آئي. شهرين مطالبو ڪيو ته بچت بازار سان گڏ دڪانن تي روز  جي استعمال وارين شين جا اگهه گهٽ ڪري شهرين کي منافعي خورن جي هٿان ڦرڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.