رياست متحده کي زنده پئي رکي، ”را“ سليپر سيل خالد مقبول سان رابطي ۾ هو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( م ڊ )  پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال الزام هنيو آهي ته ڪراچي مان گرفتار ڪيل را جو سليپر سيل خالد مقبول  صديقي جو ويجهو ساٿي آهي، جيڪو 30 سالن تائين خالد مقبول صديقي سان رابطن ۾ رهيو ۽ گرفتار جي آخري ڏينهن تائين ساڻس رابطو هيس. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ را ذريعي ايم ڪيو ايم کي ٿيندڙ فنڊنگ جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ڪراچي مان شاهد متحده نالي جيڪو را جو سليپر سيل گرفتار ڪيو ويو، ان جي آءِ ٽي ۾ چيو آهي ته کيس ڀارت پهچائڻ وارو خالد مقبول صديقي آهي، هو 4 مهينن تائين ڪيمپن ۾ رهيو ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويو، جي آءِ ٽي رپورٽ حڪومت وٽ موجود آهي، جنهن کي منظر عام تي آندو وڃي ته خبر پئجي ويندي. هن چيو ته خالد مقبول صديقي2000 ۾ ڀارت ويو، اتي را ايجنٽس سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان جو پاسپورٽ ڦاڙيو، اتان آمريڪا ويو، کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ضمانت تي آزاد ٿيو، وس ڪرڻ باوجود کيس آمريڪا جي شهريت نه ملي، هتي اچي پاڪستان جي ڪابينا جو ميمبر رهيو ۽ وري سياسي پارٽي جو سربراهه بڻيو ويٺو آهي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان مصطفيٰ ڪمال جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.