ڌانڌلي ڪريون ها ته پي ٽي آءِ کي 15 سيٽون ملن ها: شبلي فراز

اسلام آباد(م ڊ)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل  ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر جي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کان جيڪا عوام جي ذهنن تي سوار هئي ۽ جي بي اليڪشن کي ريفرنڊم چئي رهي هئي، گلگت بلتستان جي عوام انهن جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستان جي اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جلد قانونسازي ڪنداسين، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جي بي ۾ مخالف ڌر جا اميدوار پاڻ چئي رهيا آهن ته چونڊون شفاف ٿيون، پاڪستان پيپلزپارٽي به پهرين نتيجن کي غلط چئي رهي هئي پر بعد ۾ هنن ان کي تسليم ڪيو پر مسلم ليگ (ن) کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڌانڌلي ڪرڻي هجي ها ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 14 کان 15 سيٽون ملن ها. اسان جا ڪجهه اميدوار چونڊون نه هارائين ها، اليڪشن مهم دوران گلگت بلتستان کي صوبو بڻايون ها ته ان کي ڌانڌلي تصور ڪيو وڃي ها پر اهو صوبو ٺهڻ گهرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.