ڪورونا: جلسن، جلوسن تي پابندي، ڪاروبار کليل، اسڪولن بابت فيصلو ايندڙ هفتي

اسلام آباد ( م ڊ ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا جي ٻي لهر جي پکيڙ روڪڻ کانپوءِ حڪومت ملڪ ۾ جلسن، جلوسن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، شادي هالن ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت نه ڪري سگهندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم  عمران خان چيو ته مسجدن، فيڪٽرين ۽ دڪانن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو،  جڏهن ته اسڪولن کي بند ڪرڻ بابت حتمي فيصلو هڪ هفتي کانپوءِ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته 10 ڏينهن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ 4 سيڪڙو وا ٿي آهي، احتياط نه ڪيو ويو ته اسپتالون مريضن سان سٿجي وينديون، خدا نه ڪري ان کان به وڌيڪ حالتون خراب نه ٿي وڃن، اسان احتياط ڪري اهي سڀ شيون روڪي سگهون ٿا. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سڀئي احتياط ڪيون ۽ پنهنجي معيشت کي به بچايون، ڀارت لاڪ ڊائون جي ڪري اڃا تائين معاشي بحران کان ناهي نڪري سگهيو، اسان کي دڪان ۽ فيڪٽريون بلڪل بند نه ڪرڻ گهرجن پر ايس او پيز جي پابندي ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ جلسا ختم ڪري ڇڏيا آهن، باقي سڀ به ائين ڪندا.  هوڏانهن بين الصوبائي تعليمي ڪانفرنس تعليمي ادارن کي فوري طور تي بند ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان بابت فيصلو هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو ۽ هاڻ 23 نومبر ايندڙ سومر تي ٻيهر ان معاملي تي غور ڪيو ويندو.ان حوالي سان وفاقي وزير تعليم شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سمورن تعليم وارن صوبائي وزيرن  وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين اجلاس کي ڪورونا ڪيسن جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن سبب تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون تڪڙيون ۽ ڊگهيون ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿيون.اجلاس ۾ سياري جون موڪلون نومبر کان جنوري تائين ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسز خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن پر تعليم وارن وزيرن اسڪول بند ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. ايندڙ هفتي ٻيهر تعليم وارن وزيرن جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.تعليم واري  وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته ٻارن ۽ استادن جي حياتي وڌيڪ عزيز آهي. اڄ بين الصوبائي وزير تعليمي ڪانفرنس جي مشاورت ۽ سفارشون اين سي او سي ۾ پيش ڪندا. 23 نومبر سومر تي سياري جون موڪلون ۽ اسڪولن جي بندش جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.