بوزدار وڏا لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ٽڪر، هڪ فوت

بوزدار وڏا ( ن ع آ ) بوزدار وڏا ڀرسان  ٽالپروڏا چوڪي جي حد بوزداروڏا لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، ٽڪر  جي نتيجي ۾ ڳوٺ علي آباد جو رهواسي 40 سالا عطا محمد شر شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ گمبٽ اسپتال نيو ويو جتي زخمي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ فوتي نوجوان کي ٽڪر هڻندڙ موٽر سوار فرار ٿي ويو ،رابطي ڪرڻ ٽالپر وڏا چوڪي انچارج اي ايس آءِ  امير بخش سوڍڙو ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، فوتي نوجوان کي هڻندڙ موٽر سائيڪل سوار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.