ٿاڻو بولا خان ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ ) ٿاڻوبولاخان جي يوسي سري ۾ سوزوڪي ۽ گڏهه گاڏي کي سائيڊ نه ڏيڻ واري ڳالهه تان خاصخيلي ۽ شودابرفت  برادريَ جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا جهيڙي کانپوءِ شھر مڪمل طور بند ٿي ويو  شھر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ته جهيڙي دوران خاصخيلي برادريَ جا شاهد خاصخيلي، شبير ، حاصل، سوز علي ، مستقيم شامل آهن،  جڏهن ته شودا برفت برادريَ جا اصغر، فيروز، روشن ، علي خان ، غلام برفت زخمين ۾ شامل آهن جن کي  پهرين تعلقا اسپتال ٿاڻوبولاخان  منتقل ڪيو ويو ان کانپوءِ  کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ان بابت شودا برفت برادريَ جي وڏيرو سانوڻ شودو برفت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رات سوزوڪي ۽ گڏهه گاڏي جي آمهون سامهون اچڻ تي منهن ماري ٿي هئي جنهن کانپوءِ  اسان صبح جو  شھر ۾ ڪم ڪار سانگي آيا هئاسين ته رات واري معاملي جي خاصخيلين وٽان پڇا ڪئيسين ته انهن اسان تي حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ ڪهاڙيون بيلچا لٺيون لڳڻ سبب اسان جا 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.