ڄام مدد جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان تعزيت جاري

ڄام نوازعلي (ن ع آ) ڄام نوازعلي ۾ پ پ ايم  پي اي  ڄام مدد علي جي وفات تي سندس ڀاء ڄام حيدر علي ،ڄام شبير علي ۽  سندس پٽ ڄام ظهير علي، ڄام مصطفي،ڄام ذوالفقار علي خان سان  پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه، صوبائي وزير فياز ٻٽ،شرجيل انعام ميمڻ، ايم پي اي مير محبوب سندراڻي، ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه،ايس ايس پي الطاف لغاري، ايس ايس پي نثار چنه، ڪنور سنگھ ڪرني، ڄام غلام علي خان ، جي ڊي.اي اڳواڻ ۽ ايم پي اي سردار علي گوهر مهر،ايم پي اي اعجاز شاھ،  سيد ناز لطيفي ايم اين اي محبوب عالم جاموٽ ،پ پ اڳواڻ رئيس غلام قادر مري  پ پ ضلعي سانگهڙ ڪاميٽي جي ميمبر احمد علي رند صوبائي وزير روينو مخدوم محبوب زمان مخدوم فخرالزمان صوبائي وزير اسمائيل راهو،صوبائي وزير فراز ڏيرو،رئيس اورنگ زيب مري صوبائي وزير سعيد غني ء ٻين ڄام ھائوس پھچي  تعزيت ڪئي  صوبائي وزير. تعليم سعيد غني ڄام نوازعلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڄام مدد علي پارٽي جو وڏو اثاثو هو پر منهنجو سٺو دوست هو اوچتو وفات تي دلي صدمو پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو تبديلي سرڪار ملڪ جي عوام کي مهانگائي جي سونامي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي جيڪو تبديلي جو نعرو لڳايو نئي پاڪستان جو .نئي پاڪستان ۾ مهانگائي سبب عوام ماني جي هڪ ويلي لاء سخت پريشان آهي ملڪ کي مهانگائي جي سونامي ۾ ڌڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.