ڳڙهي ياسين لڳ مينهن چوري، پوليس ۽ چورن ۾ مقابلو

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ مصري واهڻ ۾ چور غلام شبير جکرو جي گهر کي کاٽ هڻي هڪ ڀلوڙ مينهن ڪاهي فرار  ٿيڻ لڳا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا ، ڀاڳين پاران پوليس کي اطلاع ، پوليس پاران چورن جو پيڇو ڪري ٻانڀيهڙ پل تي چورن ۽ پوليس ۾ فائرنگ ، چور مينهن ڪاهي فرار ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين گلزار علي ٻرڙو ٻڌايو ته رات دير سان چور غلام شبير جکرو جي مينهن ڪاهي فرار ٿيڻ جو اطلاع مليو ، جنهن بعد ٻانڀيهڙ پل وٽ چور ۽ پوليس ۾ فائرنگ ٿي پئي ، چور مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا ، جلد مينهن واپس ڪرائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.