رضوان اختر پاڻ آرمي چيف بڻجڻ لاءِ جنرل راحيل جي مدي ۾ سال واڌ چاهي

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ تي نواز شريف کي پاناما ڪيس، ڊان ليڪس سميت مختلف  معاملن تي سوڙهو ڪرڻ ڪرڻ جي دعوائن جي جنرل راحيل جي ذريعن ترديد ڪري ڇڏي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ان وقت جو آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل رضوان اخترجنرل راحيل جي مدي ۾ سال واڌ جي تجويز ڏني، جنهن سان هو سال اندر سينئر ترين ليفٽيننٽ جنرل بڻجي ها.  جيو ، جنگ ۽ دي نيوز جي صحافي انصار عباسي موجب نواز ليگ جي حلقن جي دعوي آهي ته جنرل راحيل پنهنجو مدو وڌرائڻ چاهيو نه مڃڻ تي نواز شريف خلاف پاناما، ڊان ليڪس ۽ ٻيا معاملا سامهون آندا ويا. جڏهن ته جنرل راحيل شريف ان جي ترديد ڪئي آهي. هي معاملو تڏهن اٿيو آهي جڏهن رٽائر جنرل عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته نواز شريف کيس چيو ته جنرل راحيل مدو وڌرائڻ لاءِ هر هر ساڻس رابطو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ جنرل راحيل سان جنرل امجد شعيب ذريعي رابطو ڪيو ويو ته ان چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ٿي ته شهباز شريف ۽ چوڌري نثار وٽس آيا پر هن چيو ته پنهنجي مدي ۾ واڌ نه ٿو چاهي، هن اعلان ڪري چڪو آهي. نواز ليگ اڳواڻن فيلڊ مارشل بڻائڻ جي آڇ ڪئي ته هن ڊمي ٿيڻ نه قبوليو. فيلڊ مارشل جو عهدو بااختيار بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي. ان وقت ميڊيا ۾ دٻاءُ جي خبر آئي ته جنرل راحيل جي انڪار باوجود ڪجهه حلقن جو مدو وڌرائڻ لاٰ دٻاءُ آهي. جڏهن جنرل راحيل جو مدو وڌرائڻ لاءِ شهباز شريف ۽ چوڌري نثار لنڊن به ويا، پر نواز شريف انڪار ڪيو. 03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.