مبصرن کي پولنگ اسٽيشنن مان ڪڍيو ويو : شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ )  پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ فري اينڊ فيئر اليڪشن جي مبصرن کي پولنگ مان ڪڍيو ويو، فري  اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ جي مبصرن کي ووٽن جي ڳڻپ وقت پولنگ اسٽيشن ۾ هئڻ گهرجي ها، هن هڪ بيان ۾ چيو ته 600 کان وڌيڪ مبصر اليڪشن مانيٽر ڪري رهيا هئا، هن چيو ته مبصرن جي نه هئڻ سان اليڪشن جي شفافيت تي سوال اٿن ٿا، اليڪشن ڪميشن ڳالهه جو نوٽيس وٺي. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي ووٽنگ تي پابندي تي سخت ڳڻتي آهي. عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ جي ڪوشش قبولڻ جوڳي نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.