ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس رد، عارف علوي خلاف غداري ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي/گلشن اقبال(رپورٽ: محمد علي نقرچ+شفقت نوناري)ڌرتي ڌڻين سنڌ ساگر جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته وفاقي حڪومت تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن آرڊيننس واپس وٺي آئين تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو به آئين تي عمل جا پابند نه رهندا.  اهڙو اظهار هنن ڪالهه ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي  سڏ تي ريجنٽ پلازه کان گورنر هائوس تائين ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان دوران مرد توڙي عورت ڪارڪنن سنڌ کپائيندين پادر کائيندين، ٻيٽن تي قبضا نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. جلسي کي خطاب ڪندي مقررن اعلان ڪيو ته عارف علوي سندس خلاف آئين جي ڀڃڪڙي جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس ڪيو  ويندو. احتجاجي ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ ايڪشن  ڪيمٽي جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته وفاقيت جي نالي تي سنڌ جي ڦرلٽ ڪئي وئي، سنڌ جي ترقي جي نالي تي پ پ ۽ نواز ليگ عوام کان ووٽ ورتا، هاڻي وري پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ته ان  وري عوام کان جيئڻ جو حق ئي کسي ورتو آهي. سيد جلال محمود شاھ چيو ته ملڪ جي ٻن صوبائي اسيمبلين صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر هن محل تائين صدارتي آرڊيننس واپس نه ورتو ويو آهي ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان سان دشمني جو ثبوت ڏئي رهي آهي پر اسان وفاق جي نمائندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي اڄ واضع پيغام ٿا ڏيڻ چاهيون ته صدارتي آرڊيننس فوري طور تي واپس ورتو وڃي۔ ٻي صورت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام صدارتي آرڊيننس خلاف اسلام آباد جو رخ ڪندو. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌي ڪمزور هجڻ ڪري ڌاريا آندا پيا وڃن، درياهه تي قبضا ڪيا ويا ۽ هاڻي نوجوانن تي جبر ۽ تشدد ڪيو پيو وڃي، صدر، وزيراعظم ۽ اسٽيبلشمينٽ تي واضع ٿو ڪيان ته سنڌي پنهنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪندا، صدر عارف علوي صدارت تان لهندو ته سندس خلاف آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪنداسين، هن چيو ته حڪمران طاقت ۾ هجڻ ڪري اسان کي ڇاڙتن ذريعي ٿڪائڻ چاهين ٿا، پر ائين نه ٿيندو اسان جو پر امن احتجاج جاري رهندو، هن چيو ته سنڌين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هاڻي پي ڊي ايم قيادت جي زبان تي به سنڌ جا ٻيٽ کسجڻ خلاف آواز آهي، اميد آهي ته پ پ ۽ نواز ليگ پنجاب اسيمبلي ۾ به ٻيٽن خلاف ٺهراءَ آڻينديون، ان بعد قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به آواز اٿاريو ويندو، هن چيو ته سنڌ بچائڻ جي جنگ گورنر هائوس کان شروع ٿي چڪي آهي، عمران خان ڪراچي کي افغانستان نه بڻائي ۽ نه وري پنهنجي جاگير سمجهي، عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي خطاب ڪندي سنڌ جو عوام ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ نه ڏيندو، قبضا ڪندڙ طاقتور آهن پر اسان جون پاڙون وري عوام ۾ آهن، زبان ۽ ارادا مضبوط آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۽ سنڌ دشمن آهي، پ پ سنڌين سان غداري ڪئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي، ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه چيو ته اسلام آباد آرڊيننس ذريعي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي، ڇا سنڌ والاريل علائقو آهي. پ پ ته ٻيٽن جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ به نه اٿاريو آهي. جسقم بشير قريشي جي سربراهه صنعان قريشي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي۔ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ ٽڪرا ٿي ويا آهن. جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو چيو ته وفاق ترقي جي نالي تي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي. وزيراعظم ۽ صدر کي سنڌ جي  ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي، ان ڪري فوري طور تي آرڊيننس واپس ورتو وڃي. اي جي پي جي سربراهه وشنو مل چيو ته سنڌ بچائڻ لاءِ آخري دم تائين وڙهنداسين. ان کان اڳ احتجاجي ميڙاڪي کي عظميٰ نوراني، گل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاهه، تاج  محمد ناهيون، شيبا مغل، سبحان ڏاهري ۽ ٻين خطاب ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.