شھدادپور ۾ 9 ورهين جي نياڻي سان زيادتي ڪوشش،جوابدارسوگهو

شھدادپور (رپورٽ: سجاد خاصخيلي) شھدادپور ۾ 9 ورهين  جي  معصوم نينگري کي مبينا اغوا بعد ڏاڍائي جي ڪوشش ،پاڙيوارن جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.عيدگاه روڊ تان 9ورهين جي نينگري مهرالنساء حاجاڻو کي هڪ شخص مُبنيه طور شي وٺي ڏيڻ بهاني منهن تي ڪپڙو رکي اغوا ڪري مائي سھڻي جي قبرستان ۾ زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران  پاڙي وارن  پهچي جوابدار ظفرالحق مڪراني کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،معصوم نينگري مهرالنساءُ حاجاڻو موجب پاڙي ۾ شئي وٺڻ  ويس پئي.ته گهر ٻاهران چادرون کپائيندڙ ڀائي مونکي شي ڏيڻ بهاني منهن تي هٿ ڏئي ڪپڙو وجهي زوريءّ قبرستان ۾ کڻي آيو، .منهنجي رڙين تي ماڻهو اچي ويا، جن  بچايو ورتو. ھوڏانهن شھدادپور پوليس موجب جوبدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.