ڪشمور سانحو: متاثر ٻارڙي لاءِ 5 لک رپيا امداد ۽ ماءُ لاءِ ملازمت جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪشمور سانحي جي متاثر ٻارڙي جي ماءُ کي 5 لک رپيا ڏنا ويا آهن ته جيئن غربت هٿان مجبور ٿي هوءَ جتي پهتي هئي، ان سان ٻيهر ائين نه ٿئي.

ٻارن جي صحت بابت قومي اداري ۾ ڪشمور سانحي جو شڪار ٻارڙي جي عيادت ۽ سندس ماءُ سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته وفاقي وزير علي زيدي ٻارڙي جي تعليمي خرچن جي ذميواري کنئي آهي، جڏهن ته متاثر ٻارڙي جي ماءُ کي ميري ٽائم ۾ ملازمت به ڏني ويندي.

هن چيو ته ڊاڪٽرن کي وزيراعظم پيغام پهچايو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ٻارڙي جي علاج جي سهولتن جي کوٽ آهي ته ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ سمورا خرچ پاڪستاني حڪومت ڀريندي.

سندس چوڻ هو ته ٻارڙي جي بازيابي لاءِ ڪوششن تي سنڌ پوليس جي سڀني اهلڪارن، خاص طور اي ايس آءِ محمد بخش کي بهادري تي سلام پيش ڪيان ٿو، اعليٰ جرئت جو مظاهرو ڪرڻ تي محمد بخش کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.