اليڪشن ڪميشن ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شفاف بڻائي: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ووٽ وجهڻ ۽ ڳڻپ جي عمل کي شفاف بڻائي.

مريم نواز گلگت بلتستان ۾ عورتن طرفان قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ تي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته ڏکين حالتن ۾ عوام کي ووٽ وجهڻ تي سلام پيش ڪيان ٿي.

هوڏانهن ملتان مان ن ليگ اڳواڻ عبدالغفار ڊوگر جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته عبدالغفار ڊوگر جو ڏوهه اهو آهي ته هو نواز شريف جي موقف جو علم بلند ڪيون پيو اچي.

هن چيو حڪومت کي ايترو خوف آهي جو هر جلسي کان اڳ اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويندو آهي پر حڪومت کي گهر وڃڻو ئي پوندو.

سندس چوڻ هو ته جڏهن نواز شريف جيان عوام جو چونڊيل نمائندو هجي ته 126 ڏينهن جو ڌرڻو به ناڪام ٿيندو آهي پر جڏهن سليڪٽڊ هجن ته رڳو جلسن سان ئي انهن جون ڄنگهون ڏڪڻ لڳنديون آهن.

مريم نواز موجب هٿ ٺوڪي ۽ سليڪٽڊ حڪومت جيترا به حربا استعمال ڪري ڪارڪنن جا جذبا نٿي گهٽائي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.