گلگت بلتستان چونڊون: پي ٽي آءِ ۽ پ پ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو، ن ليگ پوئتي

 

گلگت بلتستان (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلي لاءِ چونڊن ۾ پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، جتي تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي ۾ سخت مقابلو نظر اچي رهيو آهي.

گلگت بلتستان چونڊن جي هيل تائين وصول ٿيندڙ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته پ پ جو ٻيو نمبر آهي.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف کي 8 تڪن تي، پ پ کي 7 تڪن تي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته ن ليگ رڳو 2 تڪن ۾ اڳتي آهي.

گگلت بلتستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب سخت ٿڌ آهي پر ان باوجود 24 مان 23 سيٽن لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي تائين پرامن طريقي سان بنا وقفي جاري رهيو.

چونڊن ۾ تحريڪ انصاف، ن ليگ، پ پ سميت ڪيتريون ئي جماعتون ۽ آزاد اميداور به قسمت آزمائي رهيا آهن.

گگلت بلتستان ۾ چونڊن لاءِ 10 ضلعن ۾ هڪ هزار 161 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون، جن مان 418 کي انتهائي حساس، جڏهن ته 311 کي حساس قرار ڏنو ويو ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي 15 هزار 9 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا.

چونڊ عمل دوران ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ پريزائيڊنگ آفيسرن کي پولنگ جي سامان سان گڏوگڏ ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائيزر پڻ فراهم ڪيا ويا.

گگلت بلتستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 7 لک 45 هزار 361 آهي، جن ۾ مرد ووٽرن جو انگ 4 لک 53 هزار، جڏهن ته عورت ووٽرن جو انگ 3 لک 40 هزار آهي، پولنگ ۾ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ حصو ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.