حيدرآباد(رپورٽر) انصاف جي حاصلات جي لاءِ مختلف ڌرين پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتالن ۽ احتجاجن جو سلسلو جاري رهيو، مٽياري اڏيرو لال اسٽيشن جي رهواسي جهوني جيالي گووو عرف اشوڪ چند پارٽي قيادت پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ ۽ سندس ٻارن کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج جاري رکيو. ان موقعي تي جهوني جيالي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بي نظير ڀٽو سان گڏ نڪتل تصويرون ڏيکاريندي چيو ته هو پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنيادي ڪارڪن آهي. هن چيو ته سندس اولاد اعليٰ تعليم يافته هجڻ باوجود سرڪاري نوڪري کان محروم بڻيل آهي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 6 اوقاف کاتي حيدرآباد درگاهه مڪي شاهه تي مکيه دروازي تي غيرقانوني طور ڪرائيدار ويهاري زيارتين ۽ رهواسين جو لنگهه بند ڪرڻ خلاف امان الله بروهي، سعيد شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ھوڏانھن ڪنري جي ڳوٺ رامچند جي رهواسي رامچند پٽ سمهيرو ڪولهي بااثر ماڻهن پاران سرڪاري زمين تان زبردستي لڏائڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي رامچند ڪولهي الزام هڻندي چيو ڪنري جي نبي سر واهه تي سندس جي نالي سان ريلوي جي 13 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پراڻو ڳوٺ آباد آهي، جنهن تي هو ٻني ٻارو ڪري پنهنجي ٻچن جو گذرسفر ڪندا آهن. هن چيو ته علائقي جي بااثر ماڻهن زمين ريلوي کاتي کان ليز تي کڻي اچڻ بعد کيس ڳوٺ مان زبردستي لڏائي ڇڏيو آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.