ن ليگ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کان مدد چاهي پئي: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ن ليگ نائب صدر مريم نواز انهن کان ئي مدد گهري رهي آهي، جن تي  سندس پيءُ حملا ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته جمهوريت جي دعويدار ن ليگ چاهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ موجوده حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان گهر موڪلي ۽ انهن کي اقتدار ۾ آڻي، توهان ڪهڙي طريقي سان هڪ جمهوري حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ مدد گهري رهيا آهيو، شرم اچڻ گهرجي اهڙن ماڻهن جيڪي پاڻ کي جمهوريت پسند چون ٿا.هن چيو ته مريم نواز انهن کان ئي مدد گهري رهي آهي، جن تي سندس پيءُ حملا ڪري رهيو آهي، عوام سامهون انهن جا پول پڌرا ٿي ويا آهن، مريم ۽ بلاول جو موقف الڳ الڳ آهي.سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جي موقف مان لڳي رهيو آهي اهي گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي جو ڊرامو ڪري پنهنجي شڪست کي مهذب شڪل ڏيڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.