ميهڙ ۾ ڏوهاري پوليس جي قابو ۾ اچي نه سگهيا، گهر مان لکن جي چوري

ميهڙ (ن  آ) ميهڙ ۾ بدامني رڪجي نه سگهي  ڏوهاري قابو ۾ اچي نه سگهيا ميهڙ جي رامپور محلا ميهڙ ۾ نامعلوم چور امتياز پنهور جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ موجود ڪنوار جو ڏاج سميت سونا زيور ۽ روڪ رقم  چوري ڪري فرار ٿي ويا معلوم ٿيو آھي ته گهر ۾ ايندڙ هفتي شادي هئي جنهن لاءِ هزارين روپين جو ڏاج ۽ سونا زيور خريد ڪيا ويا هئا واقعي جو اطلاع ميهڙ ٿاڻي تي ڏنو ويو آھي.

راڻيپور ۾ بدامني ٻيهر شروع، رٽائرڊ اهلڪار جي گهر مان چوري، اين سي داخل

راڻيپور (ن ع آ)راڻيپور جي ڳوٺ درازه ۾ رهائشي رٽائرڊ پوليس اهلڪار رستم چانڊيو جي گهر ۾ نامعلو جوابدار داخل ٿي جتان ڏيڍ لک روپيه روڪ رقم لائسنس وارو هڪ عدد رپيٽر ,ڪپڙا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا متاثر گهر ڌڻي راڻيپور ٿاڻي ۾ اهڙي واقعي جي اين سي به پڻ داخل ڪرائي آهي.

ميرپور ساڪري ڀرسان کير جي واپاري کان رقم ڦر، احتجاج

ميرپور ساڪرو ( ن ع آ ) ميرپور ساڪري جي ڳوٺ صابوخان گبول جي رھواسي متاثر  محمد اسحاق خاصخيلي پنهنجي ڳوٺ جي معززين غلام حسين گبول لائق گبوو ۽ ٻين  سان گڏ سوشل ھائوس ميڊيا سينٽر ميرپور ساڪرو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته رات 9 وڳي ساڪري مان دڪان بند ڪري گھر وڃي رھيو ھئس ته ساڪري شھر جي ڀر واري علائقي مان ٽن ٻوڪ بند ڦورون ھٿيارن تاڻي روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھن چيو ته ڪافي دفعا ھن روڊ تان ڦر جون وارداتون ٿيون ساڪري شھر ۽ آس پاس ۾ امن بحال ڪرايو وڃي.

ٺٽي ۾ بد امني، مختلف علائقن مان وڌيڪ 2 موٽر سائيڪلون چوري

ٺٽو(ڊر) ٺٽي شھر لڳ بڪڪ شادي ھال تقن ڏينھن ڏٺي ڪي نامعلوم چور سھراب جاکرو جي نئي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا، ھوڏانھن ھاء اسڪول گھارو جي استاد ڪمال الدين جوکيو جي نئين موٽر سائيڪل ڪي نامعلوم چور  ڌابيجي مارڪيٽ مان چوري ڪري ويا، جنھن جي رپورٽ ڌاٻيچي ٿاڻي تي درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي عمل ۾ آڻي ناھي سگھي.

خيرپور ۾ موبائل سينٽر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چوري

خيرپور (ڊ ر) خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد موبائيل سينٽر جي سامهون بيٺل عبدالقيوم سمنگ جي سي ڊي موٽرسائيڪل نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ عبدالقيوم سمنگ ٻڌايو ته ڪنهن ڪم سانگي خيرپور شهر ۾ آيل هيس جو نامعلوم چور منهنجي سي ڊي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا هن اهڙي واقعي جي اين سي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي  .

گهوٽڪي پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو منشيات سميت گرفتار

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي پوليس جون سماجي براين ۽ مختلف ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون خبر موجب گذريل رات  اي سيڪشن ٿاڻي گهوٽڪي جي پوليس پنهنجي معمول  موجب گشت دوران هڪ جوابدار وٽان 160 پڙيون پان پراگ سميت گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ،اي سيڪشن ٿاڻي جو ايڇ سي غلام قادر  ملڪ پنهنجي اسٽاف سميت ڪاروائي ڪندي لنڪ روڊ قادرپور گرڊ اسٽيشن ڀرسان هڪ جوابدار صوبدار ولد الهداد کوسو کان 160 پان پراگ جون پڙيون ۽ روڪ سميت گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي مٿن ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.