نئين ديري ۾ قتل ڪيس جو جوابدار گرفتار

نئون ديرو (ن ع آ) نئون ديرو لڳ ڳوٺ فيض محمد جيهو ۾ گذريل ڏينهن مڇي مارڻ جي ڳالهه تان جيها برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل  جهيڙي ۾ هڪ نوجوان جي قتل ۽ ٽن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو نئون ديرو ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ عبدالله جيهو جي فرياد تي گناهه نمبر 119/2020ع قلم 302، 324، 114، 337 ايڇ ٽو، 148، 149 تحت 5 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ علي حسن جيهو، حسن علي، وسير جيهو، نياز حسين ۽ عبدالواحد جيهو شآمل آهن. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان صبح جو سرڪاري ٻيلي کاتي جي کڏ مان مڇي ماري رهيا هئاسين ته ڄاڻايل جوابدارن اسان جي مٿان حملو ڪري منهنجي ڀاءُ علي گل جيهو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ 3 ڄڻن امام الدين، محمد پريل، محمد اسحاق جيهو کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار علي حسن جيهو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪاروايون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.