گهوٽڪي ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) عسڪري سي اين جي لڳ باءِ پاس گهوٽڪي تي ٻن موٽر سائيڪلن جو  آمهون سامهون ٽڪر نتيجي ۾  ٻه ماڻھون سخت زخمي خبر موجب گهوٽڪي باءِ پاس لڳ عسڪري سي اين جي ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو .

ھمايون شريف  ۾ بدامني جو آزار، ڳوٺاڻي جي ڀلوڙ مينهن چوري

همايون شريف ( ن ع آ ) ھمايون شريف  ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جو آزار گزريل رات  پير بخش ليھي مان چورھڪ ڀلوڙ مينهن چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھمايون شريف ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ پير بخش ليھي مان گزريل رات پورھيت پير بخش عرف جاني ليھي جي ھڪ ڀلوڙ مينهن چورچوري ڪري ڪاھي ويا جڏهن ته پورھيت رات جو پوليس  کي به اطلاع ڪيو پوليس سان گڏ جي گھر ڌڻي چورن جا پيرا کيان پر پيرو جاڳڻ شھر مان لڳ جھان واھ ٿاڻي جي حد ۾گم ٿي ويو جڏهن ته پورھيت رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چورن مونسان ظلم ڪيو آهي.

ميهڙ جي شيخ محلا مان چاٻي چور گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل ڪاهي فرار

ميهڙ( ن ع آ ) ميهڙ جي شيخ محلا ۾ نامعلوم چاٻي چورن طفيل شيخ جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل جا تالا ٽوڙي گاڏي ڪاهي فرار ٿي ويا ،ميهڙ ۾ بدامني گهٽ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ٿه  ميهڙ پوليس اگهور ننڍ پيل آھي .

ٽنڊي آدم ۾ چور اين پي پي اڳواڻ جو گهر ٻهاري ويا

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم ۾ چور اين پي پي اڳواڻ جو گهر ٻهاري ويا رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي طور ڪالوني مان اڻڃاتل جوابدار اين  پي پي سانگهڙ ضلعي جي صدر نصير احمد جتوئي جي گهران سولر پليٽ ، بيٽري ، روٽر سميت ٻيو گهروسامان چوري ڪري فرار ٿي ويا واقعي بابت سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.