قمبر ۾ سالياني عيد ميلاد نبي ﷺ جو عظيم شان پروگرام منعقد

قمبر( ڊر ) ٻه روزہ سالياني عيد ميلاد نبي جو عظيم عاليشان پروگرام درگاھ حسين آباد قمبر زير صدارت الحاج سيد غلام حسين شاھ بخاري ۽ زير نگراني صاحبزادہ سيد عطا  حسين شاهه جي ٿي گذريو جنهن ۾  پاڪستان جي مايا ناز عالم سڳورن خطاب ڪيو پروگرام سنڌ بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين عقيدتمند شرڪت ڪئي جڏهن ته پروگرام ۾ درگاھ حسين آباد قمبر زير نگراني هلندڙ مدرسي مان 24عالم سڳورن 15 قاري ۽ 80 حافظ قرآن جي درستا بندي پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي الحاج سيد غلام حسين شاھ بخاري قمبر شريف وارن چيو ته ميلاد نبي ﷺ جون محفلون سجائڻ سان هڪ سڪون واري ڪيفيت طاهري رهي ٿي امت مسلم تي وڏو ڏکيو وقت آهي امت کي گهرجي ته اسلام جي حفاظت لاءِ پنهنجو وقت مال ملڪيت ۽ سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهن حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ جو چهرا دنيا اڳيان نروار ٿي چڪا آهن ته هو نام نهاد روشن خيال آهن پر هنن جي اسلام سان سخت کان سخت نفرت آهي آخر ۾ امت مسلم جي خير آفيت ۽ ملڪ پاڪستان جي خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون ويو

دائوجهانپور جي خانگي اسڪول ۾ جشن ميلاد جي حوالي سان تقريب

دائوجهانپور (ن ع آ ) دائوجهانپور ويجهو حسين آباد ۾ مهراڻ پبلڪ هائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ ميلادالمصطي  صلي الله عليه وسلم پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين نعت ۽ مولود شريف پيش ڪيا ويا ان موقعي تي هائيرسيڪنڊري مهراڻ پبلڪ اسڪول حسين آباد  جي وائيس  چيئرمين حاجي خان ملغاڻي ۽ ٻين استادن خطاب ڪندي چيو ته اسان هر سال اسان پنهنجي اسڪول ۾ ميلاد صه جو پروگرام ڪندا آهيون هي سڄو مهينو ميلاد جو مهينو آهي هن مهيني ۾ اسان وڏا خوشنصيب آهيون جو اسان کي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جهڙو پيغمبر نصيب ٿيو اسان کي فخر آهي ته اسان ٻنهي جهانن جي سردار جا امتي آهيون ۽ عيد اسان لاء هڪ ڏينهن هوندو آهي پر هي ڀلارو مهينو هزارن عيدن کان به اسان کي وڌيڪ آهي اسان مسلمانن کي گهرجي ته ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي ڏنل واٽ تي عمل ڪيون

سڪرنڊ ۾ پي ٽي آءِ ضلعي ويلفيئر ونگ جي حلف برداري تقريب ۽ ورڪرز ڪنوينشن

مانجهند (ن ع آ)سن ۾ پ ٽ الف تعلقه مانجهند جي عهديدارن جي  حلف وفاداري جي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ صدر ٽوهه خان خاصخيلي  جنرل سيڪريٽري محمد  جمن عمراڻي سيئنر نائب صدر محمد ابراهيم ملاح نائب صدر آپا ارشاد خاصخيلي  ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شوڪت علي ملاح جوائنٽ سيڪريٽري  نورانساء گراڻو ماليات سيڪريٽري امام بخش ڀٽي آفيس سيڪريٽري شعبان ڇڇر پنهنجي عهدن جو حلف کنيو. ان موقعي تي اڳوڻن تعلقه آفيسرن فدا حسين شاهاڻي سرهو خان ڇڇر اڳوڻي تعلقه صدر عبدالستار ٿيٻاٽي سينئر استاد قائم چنه سميت تعلقي جي سمورن استادن۽ ليڊي ٽيچرن شرڪت ڪئي.

سکر ۾ جي يو آءِ پاران سيرت النبي صه ڪانفرنس، عالمن جو خطاب

سکر(رپورٽر) جي يو آءِ نئون سکر تعلقي پاران بروهي مسجد قريشي ڳوٺ واري علائقي ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس ڪوٺائي  وئي، ڪانفرنس ۾ حافظ غلام الله بروهي، مولانا محمد عيسيٰ ٽانوري، مولانا عبدالصمد انقلابي، مولانا احسان الله عباسي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسلام دشمن قوتون دنيا ۾ اسلام خلاف سازشون ڪري رهيون آهن. اسان سڀني کي نبي پاڪ صه جي سيرت تي عمل ڪندي انهن جو مقابلو ڪرڻ گھرجي. پاڪستان ۾ قرآن ۽ سنت جي نظام جي قيام لاءِ ملڪ جون واڳون علمائن حوالي ڪيون وڃن. پاڪستان اندر گذريل 70 سالن دوران اسلامي نظام قائم ناهي ٿي سگھيو، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ٿيندو.

ٽنڊي غلام علي ۾ ناري انيلا پرمار جي ياد ۾ ”هيپي ديوالي“ پروگرام اڄ ٿيندو

ٽنڊو غلام علي(ن ع آ)ٽنڊي غلام علي ۾ 19 مهينا اڳ تصويرون ڪڍي بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ نوجوان  ناري انيلا پرمار جي ياد ۾ ٽنڊي غلام علي جي ٽائون ڪميٽي جي ڪلچرل ھال ۾ انيلا پرمار فائونڊيشن طرفان "ھيپي ديوالي” فنگشن رکيو ويو آھي جنهن ۾ شھر جا مسلمان معززين پڻ شرڪت ڪندا. پروگرام صوفياڻا راڳ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آھي جنهن ۾ سياسي سماجي ۽ سوشل ورڪر اڳواڻ ھندو مسلمان ڀائپي تي تقريرون ڪندا. بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار سوم، اشوڪ ۽ مهيش ميگهواڙ کي گرفتار ڪري ناري جي پيءُ ڊاڪٽر لکمڻ پرمار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو، .جن جي 19 مھينا گذرڻ جي باوجود اڃا تائين عدالت ضمانت نه کنئي آھي.

گهوٽڪي ضلعي ۾پوليو مهم کي ڪامياب بڻايو وڃي:ڊي سي

گهوٽڪي ( ڊ ر )  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ چيو آهي ته اڻٿڪ  محنت ۽ سنجيدگي کان بغير پوليو وائرس جو ختم ٿيڻ ممڪن ناهي انڪري اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن خطرناڪ وائرس جي پاڙ پٽي سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾  اسسٽنٽ ڪمشنرن، رينجرز ۽ پوليس عملدارن، مختيارڪارن، ڊي ايڇ او الطاف احمد لھراڻي، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر وقار ڏهر ۽ ميڊيڪل آفيسرن توڙي لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سال دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 81 پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ سان ڳڻتي پئي ٿئي انڪري اسان کي الرٽ رهي پوليو مهم دوران ضلعي جي سمورن ٻارن سميت خانه بدوش توڙي ضلعي مان گذرندڙ مسافر ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ گهرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.